اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ??ه پاڪستان رومانيا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر رومانيا جي سفير نيڪولي گويا سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ??ه پاڪستان رومانيا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. پاڪستان يورپي يونين سان گڏ اسٽريٽجڪ حصيداري تحت رومانيا سميت مختلف يورپي ملڪن سان گڏ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي استحڪام لاءِ پاڪستان ۽ رومانيا جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن ۽ وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو، پاڪستان ۾ مقرر رومانيا جي سفير نيڪولي گويا پاڪستان ۽ رومانيا جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريندي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Sun of Egypt official entertainment portal
-
الیکٹرانک پی پی تفریحی ویب سائٹس کی بھروسہ مندی
-
Modi sends bouquet, best wishes to Nawaz
-
Pakistan, Afghanistan enjoy cordial relations: FO
-
Criminals take control of provincial capital
-
لکی رٹ انٹرٹینمنٹ آفیشل پلیٹ فارم
-
بورڈ گیم تفریحی سرکاری ویب سائٹ
-
جیک پاٹ سلاٹ مشین آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ
-
GW لاٹری آفیشل گیم ویب سائٹ اور اس میں شمولیت کی تفصیلی معلومات
-
گرین چلی پیپرز آفیشل گیم ویب سائٹ
-
صبا اسپورٹس ٹرسٹڈ انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ - کھیل اور تفریح کا بہترین پلیٹ فارم
-
Yibang Electronic APP گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ: ایک جدید گیمنگ کا تجربہ