اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته وفاقي ڪابينا 26 هين آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان ۾ چيف جسٽس جي مقرري جو طريقيڪار واضح ڪيو ويو آهي، چيف جسٽس جي مقرري جو اختيار وزيراعظم استعمال نه ڪندو پر هن پنهنجو اختيار پارليامينٽ کي سونپي ڇڏيو آهي، 12 رڪني ڪميٽي نالا فائنل ڪري وزيراعظم ڏانهن موڪليندي، چيف جسٽس رٽائرمينٽ تائين يا ٽن سالن تائين چيف جسٽس رهي سگهندو، آئيني ترميمي مسودي ۾ جي يو آءِ جون پنج تجويز ڪيل ترميمون پهريان ئي موجود هيون. هو آچر ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران وفاقي وزير عطا تارڙ سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ ٻڌا??و ته وفاقي ڪابينا مان منظوري کانپوءِ 26 هين آئيني ترميم پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، هي اهو ئي مسودو آهي جيڪو خصوصي پارلياماني ڪميٽي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو هو. پاڪستان مسلم ليگ (ن)، پ پ پ، استحڪام پاڪستان پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي، ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ ضيا، بلوچستان عوامي پارٽي ۽ نيشنل پارٽي سميت ٻين اتحادي پارٽين مختلف وقتن ۾ خصوصي پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ اتفاق راءِ ڪيو آهي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جون ڪوششون هيون، هن نه رڳو اتحادي پارٽين پر جي يو آءِ سميت سمورين مخالف ڌر پارٽين سان ڳالهه ڪئي آهي. هن چ??و ته لاهور، ڪراچي ۾ مولانا فضل الرحمان جي قانوني ٽيم سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، ان ۾ وسيع اتفاق راءِ ٿيو، ان کانپوءِ اتحادي پارٽين کي اعتماد ۾ ورتو آهي. هن چ??و ته جي يو آءِ پاڪستان جيڪي پنج ترميمون تجويز ڪيون هيون اهي پهريان ئي مسودي ۾ شامل هيون. ان ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جون رپورٽون، شريعت ڪورٽ جي وياج جي حوالي سان فيصلا ۽ ٻيا معاملا آهن، جيڪڏهن فلور تي جي يو آءِ آڻيندي ته ان تي غور ڪيو ويندو. هن چ??و ته آئيني بينچن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي سطح تي ۽ صوبن ۾ ميڪانزم جوڙيو ويو آهي، صوبن ۾ آئيني بينچن جي لاجسٽڪ تياري ضروري آهي، صوبن جون اسيمبليون مجموعي ميمبرن جي 51 سيڪڙو سان قرارداد منظور ڪن ته اتي صوبائي آئيني بينچ جڙي سگهندي. آئيني بينچن جي جوڙجڪ جو اختيار چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جڊيشل ڪميشن وٽ هوندو. ججن جي مقرري ۽ ڪنفرميشن 18 هين ترميم کانپوءِ جڊيشل ڪميشن ڪري ٿو، جڊيشل ڪميشن جي نئين شڪل اها آهي ته چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، چار سينئر جج سپريم ڪورٽ، چار پارليامينٽرين، قانون وارو وزير ۽ اٽارني جنرل ان جو حصو هوندا، صوبائي جڊيشل ڪميشن ۾ ڪا به تب??يلي ناهي آندي وئي. ججن جي ڪارڪردگي، صوبي جي چيف جسٽس، سينئر جج، صوبائي قانون وارو وزير حصو رهندا، ڪارڪردگي جي سڃاڻپ به شامل ڪئي وئي آهي. جڊيشل ڪميشن کي اختيار هوندو ته هو رولز ٺاهي هڪ طريقيڪار جوڙي، جڊيشل ڪميشن چيف جسٽس ۽ صوبائي هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان گڏجي ججن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي سگهندا. قانون واري وزير چ??و ته ڪميشن ججز جي پيشيوراڻي صلاحيت جي باري ۾ پنهنجي رپورٽ ڏيندي. هن چ??و ته قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ پنج پنج ٽيڪينڪل ايڊوائيزر آئين تحت لڳائي سگهجن ٿا. چيف جسٽس جي مقرري ان پيڪيج جو حصو آهي، چيف جسٽس لا??ِ ٽن سينئر ججن جا نالا ويندا، انهن مان چيف جسٽس مقرر ڪيو ويندو. اهو اختيار وزيراعظم استعمال نه ڪندو پر هن پنهنجو اهو اختيار پارليامينٽ حوالي ڪري ڇڏيو آهي. 12 رڪني ڪميٽي جنهن ۾ 8 ايم اين اي، 4 سينيٽر هوندا نالا فائنل ڪري وزيراعظم کي موڪليندي. هن چ??و ته چيف جسٽس جو مدو رٽائرمينٽ تائين يا ٽي سال مقرر ڪيو ويو آهي. هن چ??و ته اسان 6 مهينن ۾ وڏي محنت ڪئي آهي، 100 ترميمن تي ٻڌل ٽرائل ۾ دير، ايف آءِ آر، ضمانت، اخراج، ماهرن جي رپورٽن سميت 150 سالن کان رڪيل شين کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اهو مسودو ايندڙ ڏينهن ۾ پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.
متعلقہ مضامین
-
Saudi Ambassador calls on Sindh Governor
-
Age limit for PMS exams raised to 35 years
-
Sun of Egypt official entertainment portal
-
الیکٹرانک پی پی تفریحی ویب سائٹس کی بھروسہ مندی
-
Modi sends bouquet, best wishes to Nawaz
-
Pakistan, Afghanistan enjoy cordial relations: FO
-
Criminals take control of provincial capital
-
لکی رٹ انٹرٹینمنٹ آفیشل پلیٹ فارم
-
بورڈ گیم تفریحی سرکاری ویب سائٹ
-
جیک پاٹ سلاٹ مشین آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ
-
GW لاٹری آفیشل گیم ویب سائٹ اور اس میں شمولیت کی تفصیلی معلومات
-
گرین چلی پیپرز آفیشل گیم ویب سائٹ